ڀونر ڀري آڪاس

ڀونر ڀري آڪاس

ڀونر ڀري آڪاس

ڀونر ڀري آڪاس

ڀؤنر ڀري آڪاس

ڀؤنر ڀري آڪاس (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب، شيخ اياز جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو ’رائيٽرس گلڊ آف پاڪستان‘ جو انعام يافته آهي. هن شعري مجموعي ۾ شيخ اياز جي 1947ع کان اڳ ۽ 1947ع کان پوءِ ڏهن پندرهن سالن جي شاعري شامل آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ اياز، هڪ طرف سنڌ جي قديم شعري هيئتن يعني بيت، دوهي، واين ۽ گيتن تي مشتمل پنهنجي جديد شاعري پيش ڪئي آهي، ٻئي طرف نظم، آزاد نظم، غزل ۽ قطعي جي صنفن تي لکيل پنهنجو ڪلام پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اياز جي بيتن جي هيئت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بيت جهڙي آهي، پر ان جي موضوعن ۾ جدت آهي. سندس واين جي هيئت ۽ موضوعَ، قديم واين کان جداگانه ۽ جديد آهن. سندس دوهن ۽ گيتن جو موضوع به ڪلاسيڪي دوهن ۽ گيتن کان وسيع آهي. غزل جي فارسي روايتن کان هٽي، اياز ان کي سنڌي روايتن سان رڱي پيش ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 253 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1962ع ۾ ڇپيو هو، جنهن تي ان وقت جي حڪومت پابندي وڌي هئي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1989ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو، جولاءِ 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ٽئين ڇاپي جي قيمت 80 رپيا رکيل آهي. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو روشني پبلڪيشن ڪنڊياري پاران 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ پاران، شيخ اياز جي شاعريءَ جي چئن ڪتابن: ’ڀونئر ڀري آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينَرو‘، ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘
۽ ’وِڄون وسڻ آئيون‘ تي مشتمل پهريون جلد (’ڀونئر ڀري آڪاس‘ جي نالي سان، شيخ اياز جي ڪتابن جي اشاعتي رٿا جي 22 جلدن مان هڪ جلد) جون 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن جو مهاڳ نامور دانشور محمد ابراهيم جويي ”منهنجي خوابن جي ساڀيان“ جي عنوان سان لکيو آهي، جڏهن ته هن جلد جو مرتب ناليوارو اديب تاج جويو آهي. ڊيمي سائيز جي هن پڪي جلد جي 864 صفحن واري ڪتاب جي قيمت 500 روپيا آهي.


لفظ ڀؤنر ڀري آڪاسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو